ماتلي ۾ پوليس کاتي ۾ ڀرتي لاءِ جسماني ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ماتلي ۾ پوليس کاتي ۾ ڀرتي لاءِ جسماني ٽيسٽ پاس اميدوارن پاران آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مظاهرين جاويد لنجواڻي، قائم کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو.

ان موقعي تي هنن چيو ته پوليس ڀرتي لاءِ ورتل جسماني ٽيسٽ ۾ پاس ٿيڻ کانپوءِ ڪيترائي ڏينهن ٿي ويا آهن پر لکت ٽيسٽ لاءِ  نه پيو گهرايو  وڃي ۽ نه ئي آفر آرڊر ڏنا ويا آهن.

هنن چيو ته بي روزگاري واري عذاب کي ڀوڳي رهيا آهيون ۽ سندن گهرن ۾ فاقه ڪشي واري صورتحال آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته جسماني ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن کان لکت ۾ ٽيسٽ وٺي  کين آفر آرڊر  ڏنا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*