نون ليگ اڳواڻ جاويد هاشمي چيو آهي ته نواز شريف منهنجي مقابلي ۾ اميدوار نه آڻڻ جو چيو هو، مان اڄ تائين پارٽي کي ٽڪيٽ لاءِ درخواست ناهي ڏني

نون ليگ اڳواڻ جاويد هاشمي چيو آهي ته نواز شريف منهنجي مقابلي ۾ اميدوار نه آڻڻ جو چيو هو، مان اڄ تائين پارٽي کي ٽڪيٽ لاءِ درخواست ناهي ڏني.

ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد هاشمي چيو ته مان نواز شريف کي چيو هو ته اليڪشن ۾ حصو وٺڻ نٿو چاهيان.

هن چيو ته مان 5 سالن کان اين اي 155  جي رهواسين سان هر خوشي ۽ غمي ۾ گڏ رهيو آهيان.

 جاويد هاشمي چيو ته مان اڄ تائين مخدوم رشيد واري تڪ تان ناهي هارايو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*