پيپلز پارٽي اڳواڻ سيد غني چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪراچي جي سمورن تڪن تي پنهنجا اميدوار بيهاري چونڊن ۾ حيران ڪندڙ نتيجا ڏيندي

پيپلز پارٽي اڳواڻ سيد غني چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪراچي جي سمورن تڪن تي پنهنجا اميدوار بيهاري چونڊن ۾ حيران ڪندڙ نتيجا ڏيندي.

بلاول هائوس ڪراچي ۾ سيد غني ۽ ٻين پ پ اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ن ليگ سنڌ جي اڳواڻ حاجي چن زيب، روبينا شاهين، شاهه نواز ۽ ٻين پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

ان موقعي تي سعيد غني چيو ته سمورا ماڻهو پنهنجي پراڻي پارٽي ۾ اچي رهيا آهن هاڻي پ پ ڪراچي ۾ حيران ڪندڙ نتيجا ڏيندي.

حاجي چن زيب چيو ته ٻين پارٽين به کيس شموليت جي دعوت ڏني پر هن پيپلز پارٽي ۾ شموليت کي ترجيح ڏني.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*