سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بلديا سانحي ۽  عزير بلوچ ٻين جي آ ءِ ٽي رپورٽ پڌري ڪرڻ بابت ٻڌڻي دوران

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بلديا سانحي ۽  عزير بلوچ ٻين جي آ ءِ ٽي رپورٽ پڌري ڪرڻ بابت ٻڌڻي دوران عدالت ايڊووڪيٽ جنرل بدران جونيئر وڪيل پيش ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي  ايڊووڪيٽ جنرل يا ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بلديا سانحي، عزير بلوچ، نثار مورائي ٻين ڪيسز جي جي آ ءِ ٽي رپورٽ پڌري ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي زيدي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران سنڌ حڪومت پاران ايڊووڪيٽ جنرل بدران جونيئر وڪيل پيش عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته ايڊووڪيٽ جنرل استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.

عدالت ايڊووڪيٽ جنرل بدران جونيئر وڪيل پيش ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي، ايندڙ ٻڌڻي تي  ايڊووڪيٽ جنرل يا ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو.

درخواست گذار علي زيدي جي وڪيل عمر  سومرو موقف اختيار ڪيو ته بلديا سانحي، عزير بلوچ، نثار مورائي ٻين ڪيسز جي جي آ ءِ ٽي رپورٽ ۾ جوابدارن ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن، جي آءِ ٽي رپورٽ پڌري ڪرڻ لاءِ چيف سيڪريٽري کي خط لکيو آهي پر حڪومت ستن مهينن کان درخواست تي موقف ڏيڻ بدران ٽال مٽول کان ڪم وٺي رهي آهي، بعد ۾ عدالت ٻڌڻي 30 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*