اسلام آباد ۾ پاڻي کوٽ بابت سپريم ڪورٽ ۾ پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد ۾ پاڻي کوٽ بابت سپريم ڪورٽ ۾ پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، چيف جسٽس رمارڪس  ۾ اسلام آباد کي ڪٿان ڪٿان پاڻي ملي رهيو آهي.

چيف جسٽس، جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ بئنچ اسلام آباد ۾ پاڻي کوٽ بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي.

 چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته نگران وزيراعظم کي اپيل ڪندس اسلام آباد ۾  پاڻي کوٽ واري مسئلي کي پاڻ ڏسي.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته نگران وفاقي حڪومت اڃاتائين ڪابينا پوري ڪري نه سگهي آهي، ان مان ڪم جي ڪيئن توقع ڪريون، ڇا 5 ماڻهن سان حڪومت هلندي آهي.

چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته شهر ۾ پاڻي کوٽ بابت حڪومت طرف ڏسي رهيا آهيون، اڌ شهر پاڻي کان محروم آهي، برساتون نه پوڻ جي صورت ۾ شهرين کي پاڻي ڪيئن ملندو.

عدالت رمارڪس ۾ چيو ته منصوبا ٺهن ٿا پر انهن تي عمل نه ٿي رهيو آهي، منصوبا آفيسر شاهي جو شڪار ٿي وڃن ٿا.

ميونسپل آفيسر عدالت کي آگاهه ڪيو ته فنڊ ملندا ته ڊگهي مدي وارن منصوبن تي ڪم شروع ٿي سگهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*