لاڙڪاڻو ويجهو بروهي برادري جي ماڻهن پاران مبينا ڀتي خوريءَ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

لاڙڪاڻو ويجهو بروهي برادري جي ماڻهن پاران مبينا ڀتي خوريءَ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، هنن چيو ته با اثر روڊ جو تعميراتي ڪم شروع ٿيڻ تي کانئن ڀتو طلبي رهيا آهن.

 اوٺا چوڪ تي محمد عالم بروهيءَ جي اڳواڻي ۾ بروهي برادريءَ جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪيو، جنهن سبب ٻنهي پاسي ٽرئفڪ مڪمل طور  تي معطل ٿي وئي.

ان موقعي تي هنن ٻڌايو ته درگاهه واري علائقي جا با اثر پيءُ ۽ پٽ روڊ جي تعميراتي ڪم دوران هنن کان ڀتو طلب ڪري رهيا آهن، ڀتو نه ڏيڻ تي روڊ تي پورهيو ڪرڻ وارن مزدورن کي مارڪٽ ڪري تعميراتي ڪم بند ڪرايو وڃي ٿو.

هنن مطالبو ڪيو آهي ته لاڙڪاڻو انتظاميا معاملي جو نوٽيس وٺَي ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*