ميهڙ ۾ قتل ٿيل يوسي چيئرمين ۽ سندس 2 پٽن جي وارثن، قتل ڪيس ۾ پي پي اڳواڻن سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جا نالا شامل ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي

ميهڙ ۾ قتل ٿيل يوسي چيئرمين ۽ سندس 2 پٽن جي وارثن، قتل ڪيس ۾ پي پي اڳواڻن سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جا نالا شامل ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

سکر بئنچ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾، مقتول ڪرم الله، مختيار ۽ قابل چانڊيو  جي وارثن پرويز چانڊيو ۽ ام رباب چانڊيو  ڪيس نوشهرو فيروز مان حيدر آباد اي ٽي سي منتقل ڪرڻ جي دخواست به جمع ڪرائي آهي.

 عدالت کي استدعا ڪندي هنن چيو ته پ پ اڳواڻ سرادر چانڊيو ۽ برهان چانڊيو گهر ڀاتين جي قتل ۾ ملوث آهن ان باوجود قتل ڪيس مان سندن نالا خارج ڪيا ويا آهن، هنن عدالت کي درخواست ڪئي آهي ته سردار چانڊيو ۽ سندس ڀاءُ برهان چانڊيو  جا نالا قتل ڪيس ۾ شامل ڪيا وڃن.

 عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ هنن وڌيڪ چيو ته جوابدار بااثر آهن قتل ڪيس تي اثر انداز ٿي رهيا آهن ان ڪري ڪيس اي ٽي سي نوشهرفيروز مان اي ٽي سي حيدرآباد منتقل ڪيو وڃي.

 ٻئي پاسي سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار چانڊيو چيو آهي ته قتل ڪيس ۾ کيس ناحق ڦاسايو پيو وڃي، معاملو عدالت ۾ آهي تنهن ڪري هو ان تي وڌيڪ ڳالهه ٻول ڪرڻ نه ٿو چاهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*