لاهور جي اپيلٽ ٽربيونل عمران خان جا اين اي 95 تي نامزدگي ڪاغذ منظور ڪندي کيس چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي

لاهور جي اپيلٽ ٽربيونل عمران خان جا اين اي 95 تي نامزدگي ڪاغذ منظور ڪندي کيس چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

اپيلٽ ٽربيونل ۾ وڪيل بابت اعواڻ دليلن ۾ چيو ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان نامزدگي ڪاعذن ۾ اثاثن بابت ڪجهه به ناهي لڪايو.

بابر اعواڻ درخواست جي ٻڌڻي دوران شيخ رشيد ۽ شڪيل اعواڻ ڪيس جي فيصلي جون ڪاپيون به جمع ڪرايون.

بابر اعواڻ دليلن ۾ چيو ته رٽرننگ آفيسر حقيقتن جي ابتڙ ۽ ٽيڪنيڪل بنياد تي عمران خان جا نازمدگي ڪاغذ رد ڪيا آهن، تنهن ڪري سندس نامزدگي ڪاغذ بحال ڪيا وڃن.

لاهور جي اپيلٽ ٽربيونل رٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي عمران خان کي اين اي 95 تان چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*