ڊکڻ ويجهو قادري شاخ جي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو

 

 ڊکڻ ويجهو قادري شاخ جي آبادگارن پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ٿرڙي بس اسٽاپ وٽ شڪارپور لاڙڪاڻو روڊ تي آبادگارن جي ڌرڻي سبب رستي جي ٻنهي پاسي گاڏين جون قطارون بيهجي ويون.

 ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن صابر شاهه، سيد مظفر شاهه ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته آبپاشي کاتي جو عملو رشوت نه ڏيڻ سبب قادري شاخ ۾ پاڻي نه ڇڏي رهيو آهي، شاخ ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري ساريالو فصل جو ٻيجارو پوکجي نه سگهيو، زمينون بنجر بڻجي ويون آهن.

            هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته شاخ ۾ پاڻي فراهمي يقيني بڻائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*