ڪوٽ غلام محمد ۾ مائنر ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف پڇڙي جي آبادگارن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو

ڪوٽ غلام محمد ۾ مائنر ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف پڇڙي جي آبادگارن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

ڪوٽ غلام محمد مائنر جي پڇڙي جي آبادگارن اياز احمد قائمخاني ۽ اعجاز ڀرگڙي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي جمڙائو ڪئنال جي دروازن وٽ ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙ آبادگارن چيو ته آبپاشي کاتي جا عملدار منڍ جي بااثر زميندارن ۽ من پسندن ماڻهن کي پاڻي پهچائي پڇڙي جي آبادگارن کي سڪهڙي طرف ڌڪي رهيا آهن.

هنن چيو ته مائنر جي پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ سبب فصل جي پوکي نه ڪري سگهيا آهن.

آبادگارن گهر ڪئي ته ڪوٽ غلام محمد مائنر جي پڇڙي تائين پاڻي پهچائي سندن علائقي کي بنجر ٿيڻ کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*