دادو ۾ سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

دادو ۾ سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف شهرين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

غريب آباد جي رهواسين سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف دادو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندڙن دانهيو ته سندن پاڙي جو هفتي کان ٽرانسفارمر سڙيل آهي، جنهن سبب هو ٻٽي عذاب کي ڀوڳي رهيا آهن.

هنن چيو ته ٽرانسفارمر سڙڻ جي شڪايت ڪرڻ باوجود سيپڪو عملدارن جي ڪن تي جونءَ به نه پئي چري.

شهرين گهر ڪئي ته سڙي ويل ٽراسفارمر فوري طور تي تبديل ڪري ٻٽي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*