دادو لڳ قديم قبرستان جي زمين تي مبينا قبضي خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو

دادو لڳ قديم قبرستان جي زمين تي مبينا قبضي خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

ڳوٺ حاجي حسين بخش لنڊ جي رهواسين ڳوٺ ۾ قائم قديم قبرستان جي ايراضي تي مبينا قبضو ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي دادو پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن الزام مڙهيو ته بااثر وڏيري روينيو عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري کاتا تبديل ڪرائي ڳوٺ ۾ قائم قديم قبرستان جي زمين تي قبضو ڪري ورتو آهي.

ڳوٺاڻن گهر ڪئي ته بااثر جو ساٿ ڏيندڙ روينيو عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري قبرستان جي زمين تان قبضو ختم ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*