اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ شريف ڪٽنب خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ شريف ڪٽنب خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته ڪنهن ٻي جي پيش ڪيل دستاويزن جي متن کي نواز شريف خلاف ڪيئن استعمال ڪري سگهجي ٿو.

جج محمد بشير شريف ڪٽنب خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.

وڪيل خواجا حارث دليلن ۾ چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ تي نواز شريف تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، واجد ضياءَ جي بيان ۾ هڪ ڳالهه کي بار بار ورجايو ويو آهي.

خواجا حارث دليلن ۾ واجد ضياءَ نواز شريف بابت ڪجهه ناهي ٻڌايو، الزام ثابت ڪرڻ لاءِ شروعاتي ۽ سيڪنڊري ثبوت هوندا آهن.

هن دليلن ۾ چيو ته سيڪنڊري ثبوت پيش ڪرڻ جي صورت ۾ ٻڌائڻو پوندو آهي ته شروعاتي ثبوت ڇو پيش نه ڪيا ويا آهن.

خواجا حارث دليلن ۾ چيو ته ويلٿ اسٽيٽمينٽ جي ڪا به حيثيت ناهي، ملڪيت جا ڪي به ثبوت ته هئڻ گهرجن.

خواجا حارث دليلن ۾ چيو ته بينيفشل مالڪ ۽ ملڪيت به نواز شريف جي ناهي، لنڊن فليٽس جي ملڪيت ڪيتري آهي ان بابت به نه ٻڌايو ويو آهي.

هن دليلن ۾ چيو ته جاچ آفيسر جي راءِ کي شاهدي طور قبول ڪري نٿو سگهجي، جاچ آفيسر راءِ ڏئي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، قطري جي ٻن خطن جو نواز شريف سان ڪو به واسطو ناهي.

خواجا حارث دليلن ۾ چيو ته جي آءِ ٽي سربراهه ٻئين خط پيش ڪري سگهي ٿو، پر ڪمنٽس ڪري نٿو سگهي.

هن دليلن ۾ چيو ته واجد ضياءَ جي بيان جي صفي 28 تي نواز شريف جو ذڪر اچي رهيو آهي، ان ۾ چئي رهيو آهي ته رقم جي ادائيگي جي حوالي سان نواز شريف، مريم نواز، حسن،  حسين نواز ۽ طارق شفيح ڪي به دستاويز نه ڏنا.

نواز شريف ۽ مريم نواز پاران وڌيڪ 7 ڏينهن لاءِ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪرائي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته لنڊن ۾ بيگم ڪلثوم نواز سخت بيمار  آهي، تنهن ڪري اسان کي هڪ هفتي جي حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي.

عدالت پاران نواز شريف ۽ مريم نواز جي ٽن ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظوري ڪئي  وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*