صحبت پور ويجهو قومي شاھراھ تي ڪوچ جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت فوت ٿي وئي

صحبت پور ويجهو قومي شاھراھ تي ڪوچ جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت فوت ٿي وئي، 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڊيرا مراد جمالي ڀرسان اوچ پاور پلانٽ وٽ قومي شاھراھ تي تيز رفتار ڪوچ جو سامهون ايندڙ موٽر سائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ 40 ورھين جي مسمات مريم بي بي موقعي تي فوت ٿي وئي آهي.

حادثي ۾ وحيد علي عمراڻي ۽ 2 ٻارڙا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*