سنڌ هاءِ ڪورٽ اقامو رکڻ وري ڪيس ۾ فريال ٽالپر،مراد علي شاهه ۽ سهيل انورسيال جي نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي 6 جولاءِ تي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ اقامو رکڻ وري ڪيس ۾ فريال ٽالپر،مراد علي شاهه ۽ سهيل انورسيال جي نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي 6 جولاءِ تي جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت منظور وساڻ، سردار چانڊيو ۽ ناصر شاهه جي نااهلي بابت جواب جمع ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي 13 آگسٽ تائين مهلت ڏئي ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ بئنچ اقامو رکڻ تي پ پ اڳواڻن کي نا اهل قرار ڏيڻ واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي،عدالت  فريال ٽالپر، مراد علي شاهه ۽ سهيل انورسيال جي نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن کان  6 جولاءِ تي جواب طلب ڪري ورتو.

اليڪشن ڪميشن منظور وساڻ، سردار چانڊيو ۽ ناصر شاهه جي نااهلي بابت جواب جمع ڪرائڻ لاءِ  مهلت گهري، جنهن تي عدالت اليڪشن ڪميشن کي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ 13 آگسٽ تائين وقت ڏنو.

ٻڌڻي ناصر شاهه جي وڪيل ڪيس جلد اڪلائڻ جي استدعا ڪئي، جنهن تي جسٽس محمد علي مظهر  چيو ته پهرين سڀني ڌرين جو جواب اچڻ ڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*