تحريڪ انصاف پاران پنجاب جي اين اي 154 تان سڪندر بوسڻ کان ٽڪيٽ واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

تحريڪ انصاف پاران پنجاب جي اين اي 154 تان سڪندر بوسڻ کان ٽڪيٽ واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ ذريعن موجب عوام پاران تنقيد ڪرڻ تي سڪندر بوسڻ کان پارٽي ٽڪيٽ واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

تحريڪ انصاف پاران اميدوارن جي جاري ڪيل لسٽ ۾ سڪندر بوسڻ جو نالو 36 نمبر تي لکيل هو، پر چونڊ مهم دوران ماڻهن پاران تنقيد ڪرڻ تي ٽڪيٽ واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف تحريڪ انصاف اين اي 145 تي نون ليگ ڇڏي ايندڙ احمد رضا مانيڪا کي ٽڪيٽ ڏئي ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*