ڇاڇري ويجهو چلهه جي چڻنگ مان باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ چئن پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا

ڇاڇري ويجهو چلهه جي چڻنگ مان باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ چئن پورهيتن جا گهر سڙي رک ٿي ويا.

ڳوٺ اوڏاڻي ۾ رڌ پچاءَ دوران چلهه مان چڻنگ سبب باهه لڳي وئي، جنهن ڀر وارن ٻين ٽن ڪکاوان گهرن کي به وڪوڙي ورتو.

باهه جي نتيجي ۾ پورهيت ستار ڏوھٽ، صابو، علي حسن ۽ محمد ڏوھٽ جي گهر ۾ پيل الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو.

الهه تلهه سڙي رک ٿي وڃڻ سبب متاثر کليل آسمان هيٺ واهر جا منتظر آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*