ڪراچي جي اليڪشن ٽربيونل ايم ايم اي اميدوار اسد الله ڀٽو ۽ پ پ اميدوار قادر پٽيل جا  فارم بحال ڪري ڇڏيا

ڪراچي جي اليڪشن ٽربيونل ايم ايم اي اميدوار اسد الله ڀٽو ۽ پ پ اميدوار قادر پٽيل جا  فارم بحال ڪري ڇڏيا، اسد الله ڀٽو چيو آهي ته بئنڪ مان قرض نه ورتو هو،اسٽيٽ بئنڪ مان تفصيل وٺي اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائڻ بعد فارم بحال ڪيو ويو آهي.

ڪراچي جي اليڪشن ٽربيونل ۾ مختلف اميدوارن پاران فارم رد يا بحال ٿيڻ  بابت آر اوز  جي فيصلن خلاف اپيلن تي ٻڌڻيون  ٿيون.

ٽربيونل وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جماعت اسلامي جي اڳواڻ ۽ ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 243 تي ايم ايم اي جي اميدوار اسد الله ڀٽو ۽ اين اي  248 لاءِ پ پ اميدوار قادر پٽيل جا  فارم بحال ڪري ڇڏيا.

ان موقعي تي ڳالهائيندي اسد الله ڀٽو چيو ته بئنڪ مان قرض نه ورتو هو، لسٽ ۾ غلطي سبب سندس فارم رد ڪيو ويو هو، اسٽيٽ بئنڪ مان تفصيل وٺي اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائڻ بعد فارم بحال ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*