ارسا چيو آهي ته اترئين علائقن ۾ گرمي پد گهٽجڻ سبب دريائن جي وهڪري ۾ گهٽائي ٿيڻ ڪري سنڌ ۽ پنجاب کي 9 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي

ارسا چيو آهي ته اترئين علائقن ۾ گرمي پد گهٽجڻ سبب دريائن جي وهڪري ۾ گهٽائي ٿيڻ ڪري سنڌ ۽ پنجاب کي 9 سيڪڙو کوٽ سان پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، ارسا ترجمان چيو ته سنڌ کي هڪ لک 50 هزار ڪيوسڪ ۽ پنجاب کي هڪ لک 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهمي جاري آهي.

ترجمان ارسا جو چوڻ آهي ته اترئين علائقن ۾ گرمي پد گهجڻ سبب دريائن جي وهڪرن ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي آهي.

هن چيو ته مجموعي طور پاڻي جا وهڪرا 2 لک 28 هزار تائين پهتا آهن، سنڌ کي هڪ لک 50 هزار ڪيوسڪ، پنجاب کي هڪ لک 15 هزار ، بلوچستان کي 14 هزار ڪيوسڪ ۽ ڪي پي کي 3 هزار هڪ سئو ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*