نــُون ليگ سربراهه ڪراچي کان چونڊ مهم جي شروعات، چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو

نــُون ليگ سربراهه ڪراچي کان چونڊ مهم جي شروعات، چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو،شهباز شريف چيو آهي ته، قومي اتحاد کي داءُ تي لڳائڻ جي صورت ۾ ڪالاباغ ڊئم نٿو ٺاهي سگهجي،ڪراچي کي بنيادي سهولتون نه ملنديون ته ملڪ ۾ به ترقي نه ٿي سگهندي، ڪراچي ۾ هر گهر تائين پاڻي پهچايو ويندو.

نــُون ليگ سربراهه شهباز شريف اڄ ڪراچي پهتو، ايرپورٽ تي نواز ليگ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سندس استقبال ڪيو، ڪراچي جي هڪ قومي تڪ تان چونڊ وڙهندڙ شهباز شريف اڄ بلديا واري علائقي ۾ جلسي سان پارٽي جي چونڊ مهم جي شروعات ڪندو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته، قومي اتحاد کي داءُ تي لڳائڻ جي صورت ۾ ڪالاباغ ڊئم نٿو ٺاهي سگهجي، پاڻي بحران جو تڪڙو حل ڀاشا ڊئم آهي.

ڪراچي ۾ واپارين کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته، ڪراچي کي بنيادي سهولتون نه ملنديون ته ترقي ۾ واڌ نه ٿي سگهندي، هاڻ موقعو مليو ته ٽن سالن دوران ڪراچي ۾ هر گهر تائين پاڻي پهچايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*