خانپور مهر ۾زال مڙس احتجاج ڪندي ناٺي ۽ سندس ڀائرن تي الزام هنيو آهي ته هنن سندن ڌيءُ کي تشدد ڪري گهر اندر قيد ڪري ڇڏيو آهي

خانپور مهر ۾زال مڙس احتجاج ڪندي ناٺي ۽ سندس ڀائرن تي الزام هنيو آهي ته هنن سندن ڌيءُ کي تشدد ڪري گهر اندر قيد ڪري ڇڏيو آهي.

ڳوٺ سومر ملڪ واسي عورت بشيران پنهنجي مڙس سان پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 ان موقعي تي عورت بشيران ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس ڌيءُ ثمينه کي هن جي مڙس منٺار ۽ ڏيرن گهر اندر تشدد جو نشانو بڻائي هن جون ٻانهون ڀڃي قيد ڪيو آهي.

 هنن وڌيڪ چيو ته کين پنهنجي ڌيءُ سان ملڻ نه ٿو ڏنو وڃي، خانپور مهر پوليس وٽ رپورٽ داخل ڪرائي آهي پر تدارڪ نه ٿيو آهي.

 هنن  اعليٰ عملدارن کي اپيل ڪئي آهي ته نياڻي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*