نگران وزيراعظم ناصرالملڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون مقرر وقت 25 جولاءِ تي ئي ٿينديون، سيڪيورٽي جي حوالي سان بهتر انتظام ڪيا پيا وڃن

نگران وزيراعظم ناصرالملڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ عام چونڊون مقرر وقت 25 جولاءِ تي ئي ٿينديون، سيڪيورٽي جي حوالي سان بهتر انتظام ڪيا پيا وڃن.

اسلام آباد ۾ نگران وزيراعظم ناصر الملڪ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چئني صوبن جي نگران وڏن وزيرن، چيف سيڪريٽريز، آءِ جيز سميت اليڪشن ڪميشن جي اختيارين شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز انتظامن ۽ سيڪيورٽي معاملن بابت بريفنگ ڏني.

اجلاس کي بريفنگ ڏيندي اليڪشن ڪميشن جي اختيارين چيو ته بيلٽ پيپرز جي ڇپائي دوران سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

اليڪشن ڪميشن جي اختيارين چيو ته سڀني اميدوارن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي حوالي سان صوبائي حڪومتن کي خط لکيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*