ڪراچي جي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ خلاف ينگ ڊاڪٽرز پاران او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد احتجاج ڪيو ويو

ڪراچي جي سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ خلاف ينگ ڊاڪٽرز پاران او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد احتجاج ڪيو ويو.

ينگ ڊاڪٽرن پاران گذريل ڏينهن سرجيڪل يونٽ ۾ ڊاڪٽر تي تشدد ڪندڙ ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪيو.

ڊاڪٽرن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر تي تشدد واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

ٻئي طرف صحت واري نگران صوبائي وزير سعديه رضوي احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽرن سان ڳالهيون ڪري کين سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ سميت ٻيا مطالبا منظور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.

صوبائي وزير سعديه رضوي چيو ته ڊاڪٽرن کي هر صورت ۾ تحفظ فراهم ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*