لاهور جي احتساب عدالت صاف پاڻي اسڪيم اسڪينڊل ۾ گرفتار نون ليگ اڳواڻ قمر الاسلام کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي

، شاهد خاقان عباسي قمر الاسلام جي گرفتاري کي بدقسمتي قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙين ڳالهين سبب چونڊن جي شفافيت تي سوال اُٿي رهيا آهن.

احتساب عدالت صاف پاڻي اسڪيم اسڪينڊل بابت ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران قمرالاسلام ۽ وسيم اجمل کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت گرفتار نون ليگ اڳواڻ قمر الاسلام کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي ٻنهي جوابدارن کي 9 جولاءِ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

واضح رهي ته نيب ٻنهي جوابدارن کي پاڻي  اسڪيمن ۾ مبينا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو هو.

هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائندي شاهد خاقان عباسي قمر الاسلام جي گرفتاري کي بدقسمتي قرار ڏيندي چيو آهي ته اهڙين ڳالهين سبب چونڊن جي شفافيت تي سوال اُٿي رهيا آهن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*