اسلام آباد  ۾ ڪنري جي آبادگارن پاڻي کوٺ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو  ڪيو  آهي

اسلام آباد  ۾ ڪنري جي آبادگارن پاڻي کوٺ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو  ڪيو  آهي، سندن چوڻ آهي ته ڪنري شاخ ۾ ڇهن مهينن کان پاڻي نه پيو ڇڏيو وڃي جنهن ڪري فصل تباهه ٿي ويا آهن.

اسلام آباد  ۾ ڪنري جي آبادگارن پاڻي کوٺ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو  ڪري نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته ڪنري شاخ ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري ڳوٺ فضل سولنگي، منٺار ڪپري،  اسماعيل مياڻو ، راضي رند جا سوين رهواسي لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن.

هنن چيو ته اسين ڪفن کڻي اسلام آباد آيا آهيون، احتجاج ڪندي مري وڃون ته ايف او چئيرمين ۽ ايس ڊي او ايريگيشن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.

هنن چيو ته عملدار شاخ جو پاڻي بااثر زميندارن کي وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري پڇڙي ۾ رهواسي اڃ مري رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته وفاقي سرڪار معاملي جي نوٽيس وٺي انصاف ڪري، ٻي صورت ۾ مرڻ گهڙي تائين سندن احتجاج جاري رهندو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*