اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته شهباز شريف کي چونڊن دوران سنڌ ياد ڇو اچي رهيو آهي

اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته شهباز شريف کي چونڊن دوران سنڌ ياد ڇو اچي رهيو آهي، نون ليگ حڪومت 5 سالن دوران سنڌ کي هڪ اڌورو نامڪمل گرين لائين منصوبو ڏنو آهي.

شهباز شريف جي بيان تي رد عمل ڏيندي مراد علي شاهه چيو ته گرين لائين منصوبي ۾ دير جو ڪريڊٽ به نواز ليگ حڪومت ڏانهن وڃي ٿو.

هن چيو ته نون ليگ جي حڪومت ۾ سنڌ سان ماٽيلي ماءَ وارو سلوڪ ڪيو ويو، شهباز شريف ٻڌائي ته هن پنهنجي حڪومتي دور  ۾ سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڇو نه ڪرايا آهن.

مراد علي شاهه چيو ته شهباز شريف دعويٰ ڪئي هئي ته ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وئي آهي، پر سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪ تائين لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي.

مراد علي شاهه چيو ته سنڌ کي ڪنهن وائسراءِ جي ضرورت ناهي، نون ليگ حڪومت سنڌ جا فنڊ روڪيا هئا، جنهن ڪري سنڌ اڃاتائين مالي بحران جو شڪار آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*