اليڪشن اپيلٽ ٽربيونل اين اي 198 شڪارپور تي پ پ اميدوار عابد ڀيو جو نامزدگي فارم رد ڪري ڇڏيو آهي

 اليڪشن اپيلٽ ٽربيونل اين اي 198 شڪارپور تي پ پ اميدوار عابد ڀيو جو نامزدگي فارم رد ڪري ڇڏيو آهي.

 ملڪ ۾ 25 جولاءِ تي اعلانيل عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي نامزدگي فارمن تي  رٽرننگ آفيسرس جي فيصلن تي اپيلون ٻڌڻ جو سلسلو جاري آهي.

 سکر ۾ قائم اليڪشن اپيلٽ ٽربيونل اين اي 198 شڪارپور تي پ پ اميدوار عابد ڀيو جو نامزدگي فارم رد ڪري ڇڏيو آهي.

 رپورٽ موجب پي ايس 8 تي آزاد اميدوار امير علي جتوئي، عابد ڀيو خلاف اعتراض داخل ڪرائيندي ڄاڻايو هو ته پ پ اميدوار وٽ 2 سڃاڻپ ڪارڊ ۽ سندس ووٽ به 2 داخلا آهن.

 اليڪشن ٽربيونل داخل اعتراض منظور ڪندي عابد ڀيو جو نامزدگي فارم رد ڪرڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جڏهن ته اين اي  نوشهرو فيروز تڪ تي 212 تي جي ڊي اي اميدوار غلام مرتضيٰ جتوئي جو نامزدگي فارم بحال ڪيو ويو آهي.

 اليڪشن ٽربيونل پي ايس 36 تي عارف مصطفيٰ جتوئي جو نامزدگي فارم به بحال ڪرڻ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.

 ان کانسواءِ اين اي 204  تي خالد لنڊ جو نامزدگي فارم پڻ منظور ڪيو ويو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*