سکر ۾ اليڪشن اپيلٽ ٽربيونل پهتل اڳوڻي گهرو صوبائي وزير سهيل انور سيال آڏو ميهڙ ۾ قتل ٿيل يوسي چيئرمين ۽ سندس 2 پٽن جي وارث ام رباب چانڊيو احتجاج ڪيو آهي

 سکر ۾ اليڪشن اپيلٽ ٽربيونل پهتل اڳوڻي گهرو صوبائي وزير سهيل انور سيال آڏو ميهڙ ۾ قتل ٿيل يوسي چيئرمين ۽ سندس 2 پٽن جي وارث ام رباب چانڊيو احتجاج ڪيو آهي، ام رباب چانڊيو سهيل سيال سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان منهنجي والد جي قتل تي تعزيت ڪرڻ نه آيا هئا.

 سکر ۾ قائم اليڪشن اپيلٽ ٽريبونل ۾ نامزدگي فارمن تي داخل ڪرايل اعتراضن ۽ آر  اوز  جي فيصلن تي اپيلن تي ٻڌڻين جو سلسلو جاري آهي.

نامزدگي فارمن تي اعتراضن ۽ اپيلن تي ٻڌڻين لاءِ  اڳوڻو گهرو صوبائي وزير سهيل انور سيال ۽ ٻيا پ پ جا اڳواڻ اليڪشن ايپلٽ ٽريبونل سکر پهتا.

 اليڪشن ٽربيونل ۾ اڳوڻي صوبائي گهرو وزير سهيل انور سيال جي پهچڻ تي ميهڙ ۾ قتل ٿيل يوسي چيئرمين ۽ سندس 2 پٽن جي وارث عورت ام رباب چانڊيو احتجاج ڪيو.

 ان موقعي تي ام رباب چانڊيو سهيل سيال سان مخاطب ٿيندي چيو ته سردار چانڊيو هن وقت تائين اهو ثابت ڪري نه سگهيو آهي ته هو بيگناهه آهي ۽ توهان منهنجي والد جي قتل تي تعزيت ڪرڻ به نه آيا هئا، جنهن تي سهيل سيال چيو ته ام رباب چانڊيو جي گهر ڀاتين جي قتل ۾ جيڪي ملوث آهن انهن کي سزا ملڻ گهرجي.

 اڳوڻي صوبائي گهرو وزير سهيل سيال وڌيڪ چيو ته توهان جي چوڻ تي ڪيس داخل ٿيو، ڪيس عدالت ۾ هلي رهيو آهي جيڪو فيصلو آيو قبول ڪيو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*