ملتان ويجهو روڊ حادثي ۾ ٻه شاگرد ۽ وين ڊرائيور فوت ٿي ويو

ملتان ويجهو روڊ حادثي ۾ ٻه شاگرد ۽ وين ڊرائيور فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته هڪ عورت زخمي ٿي پئي آهي.

ملتان جي وهاڙي روڊ تي اسڪولي وين حادثي جو شڪار ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ طاهره ۽ طارق نالي ٻارڙا فوت ٿي ويا، جڏهن ته وين جو ڊرائيور به فوت ٿي ويو، جنهن جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

حادثي جي ڪري هڪ عورت الاهي بيبي زخمي ٿي پئي آهي، جنهن کي علاج لاءِ ملتان اسپتال داخل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*