آئرلينڊ جي ٽيم جي ڪپتان گيري گريگ چيو آهي ته ٽيم جي سمورن رانديگرن ڀارتي ٽيم خلاف رٿيل ٻن ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ سٺي تياري ڪئي آهي

آئرلينڊ جي ٽيم جي ڪپتان گيري گريگ چيو آهي ته ٽيم جي سمورن رانديگرن ڀارتي ٽيم خلاف رٿيل ٻن ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ سٺي تياري ڪئي آهي،جڏهن ته ڀارتي اسپنر يزويندره چاهل چيو آهي ٽيم سيريز ۾ فتح حاصل ڪندي.

آئرلينڊ جي شهر ڊبلن ۾ اڄ ڀارت ۽آئرلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٻن ٽي-ٽوئنٽي ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ کيڏي ويندي.

سيريز ۾ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ميزبان آئرلينڊ جي ٽيم ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي.

ٽريننگ سيشن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي آئرش ٽيم جي ڪپتان چيو ته ڀارتي ٽِيم ٽي-ٽوئنٽي فارميٽ جي بهترين ٽيم آهي ۽ ان کي شڪست ڏيڻ آسان نه هوندو.

هن وڌيڪ چيو ته سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيم ڀرپور تياري ڪئي آهي ۽ هو گهڻو پراميد آهي ته سيريز ۾ ڀارتي ٽيم کي شڪست ڏينداسين.

ان موقعي تي ڀارتي ٽيم جي اسپنر چاهل چيو ته ٽي-ٽوئنٽي فارميٽ ۾کين شڪست ڏيڻ آسان نه هوندو، پر ان هوندي به ميزبان آئرلينڊ جي ٽيم کي آسان حريف نٿا سمجهون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*