روس ۾جاري فيفا فٽبال ورلڊڪپ جي گروپ ڊي جي هڪ ميچ ۾ارجنٽينا جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد نائيجيرياجي ٽيم کي شڪست ڏئي اڳيئن مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي

روس ۾جاري فيفا فٽبال ورلڊڪپ جي گروپ ڊي جي هڪ ميچ ۾ارجنٽينا جي ٽيم هڪ دلچسپ ۽سخت مقابلي بعد نائيجيرياجي ٽيم کي شڪست ڏئي اڳيئن مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

روس جي شهر سٽ پيٽرسبرگ ۾ کيڏي ويل گروپ ڊي جي ميچ ۾ ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪيو.

ميچ جي پهرين هاف جي 14هين منٽ ۾ارجنٽينا پاران اسٽار فٽبالر ليونل ميسي گول ڪري برتري ڏياري ورتي، جنهن کي نائيجيريا جي موسسِ 51هين منٽ ۾گول ڪري برابر ڪيو.

ميچ جي 86هين منٽ ۾ارجنٽينا جي ٽيم پاران مارڪوس روجو گول ڪري ٽيم کي فتح ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*