روس ۾ جاري فيفا فٽبال ورلڊڪپ ۾ اڄ چار ميچز کيڏيون وينديون

روس ۾ جاري فيفا فٽبال ورلڊڪپ ۾ اڄ چار ميچز کيڏيون وينديون، پهرين ميچ ۾ جرمني جو مقابلو ڪوريا سان ٿيندو، ٻي ميچ ميڪسيڪو سويڊن سان مهاڏو اٽڪائيندي، ٽي ميچ ۾ سربيا۽ برازيل هڪ ٻئي جي سامهون ٿي رهيو آهن ۽آخري ميچ ۾ سويٽزلينڊ جو مقابلو ڪوسٽا ريڪا ٿيندو.

فيفا فٽبال ورلڊڪپ ۾ اڄ پهرين ميچ ۾ ڪوريا ۽ ورلڊڪپ چيمپيئن جرمني جي ٽيمن وچ ۾ گروپ ايف جي ميچ ڪازان ۾ کيڏي ويندي.

ايونٽ جي ٻي ميچ ساڳئي گروپ ايف جي ٿيندي، جنهن ۾ ميڪسيڪو جي ٽيم سويڊن سان مهاڏو اٽڪائيندي.

فيفا فٽبال ورلڊڪپ جي اڄ جي ٽين ميچ ۾ سربيا ۽ برازيل جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي،جڏهن ته ميگا ايونٽ جي آخري ميچ ۾سويئٽرزلينڊ جي ٽيم ڪوسٽاريڪا جي ٽيم سان مهاڏو اٽڪائيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*