پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ڪپتان جي حيصيت سان سندس مٿان دٻاءِ هوندو آهي

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ڪپتان جي حيصيت سان سندس مٿان دٻاءِ هوندو آهي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي تربيتي ڪيمپ قذافي اسٽيڊيم جاري آهي،جتي ٽيم هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جي نگراني هيٺ ڀرپور ٽريننگ سيشن ۾ مصروف آهي.

 ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪپتان سرفراز احمدچيو ته ٽِيم جا سمور رانديگر هڪ ٻئي سان مڪمل سهڪار ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته آسٽريليا ٽي-ٽوئنٽي فارميٽ جي بهترين ٽيم آهي،جنهن کي شڪست ڏيڻ لاءِ ٽنهي شعبن ۾رانديگرن کي سخت محنت ڪرڻي پوندي.

هن چيو ته جڏهن به کيس موقعو ملندوآهي ته هو سٺي ڪارڪردگي جومظاهرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندوآهي.

سرفرازاحمد وڌيڪ چيوته ياسرشاهه ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ جو بهترين بالر آهي ۽ سندس فٽ ٿيڻ بعد ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.

هن چيو ته ڪامران اڪمل ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ سٺي پرفامنس جومظاهرو ڪري رهيوآهي ۽ کيس ٽيم۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو سلڪيشن ڪميٽي ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*