چيمپيئنز ٽرافي هاڪي ٽورنامنٽ ۾ قومي ٽيم کي ميزبان نيڌرلينڊ جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد شڪست ڏئي ڇڏي

چيمپيئنز ٽرافي هاڪي ٽورنامنٽ ۾ قومي ٽيم کي ميزبان نيڌرلينڊ جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد شڪست ڏئي ڇڏي.

نيڌرلينڊ جي سهر بريڊن ۾ کيڏي ويل ميگا ايونٽ جي ميچ هڪ طرفي ثابت ٿي.

ميچ جي شروع کان وٺي ميزبان ٽيم جي ٽيم جي رانديگرن قومي ٽيم جي گول پولز تي جارحاڻا حملا ڪري کين کلي کيڏڻ جو موقعو فراهم نه ڪيو.

نيڌرلينڊ جي ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد قومي هاڪي ٽيم کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ چئن گولن تان شڪست ڏئي ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي.

نيڌرلينڊ جي ٽيم پاران اوانجي ٻه گول اسڪور ڪري ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

واضح رهي ته قومي ٽيم کي ايونٽ جي افتتاحي ميچ ۾ روائتي حريف ڀارت ٻڙي چار تان ،جڏهن ته ٻي ميچ۾ آسٽريليا هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏئي فتح حاصل ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*