وطن يا ڪفن آزادي يا موت جو نعرو هڻندڙ سورهيه بادشاهه جي اڄ 72هين ورسي ملهائي پئي وڃي

وطن يا ڪفن آزادي يا موت جو نعرو  هڻندڙ سورهيه بادشاهه جي اڄ 72هين ورسي ملهائي پئي وڃي، سانگهڙ  ضلعي ۾ موڪل هئڻ سبب سرڪاري توڙي نجي ادارا بند آهن.

وطن جي آزادي لاءِ  “وطن يا ڪفن، آزادي يا موت” جو نعرو هڻندڙ  حرن جي روحاني پيشوا  سورهيه بادشاهه جي 72 هين ورسي ملهائي پئي وڃي، کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سانگهڙ پريس ڪلب ۾ تقريب ٿي رهي آهي.

ورسي تقريب ۾ فنڪشنل ليگ جا اڳواڻ  سياسي ۽ سماجي ڌريون  شرڪت ڪري سورهيه بادشاهه جي عظيم جدوجهد کي ڀيٽا پيش ڪنديون.

انگريز سامراج سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ سورهيه بادشاهه جي ورسي جي موقعي تي سانگهڙ ضلعي ۾ عام موڪل آهي، جنهن سبب  اسڪولن سميت سرڪاري توڙي نجي ادارا بند آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*