اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان جا اين اي 57 تي داخل نامزدگي فارم رد ڪندي کيس چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي

اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان جا اين اي 57 تي داخل نامزدگي فارم رد ڪندي کيس چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي،  جڏهن ته اين اي 57 تي فواد چوڌاري جا به نامزدگي فارم رد به رد ڪيا ويا آهن.

راولپنڊي جي اپيلٽ ٽربيونل اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان جا اين اي 57 تي داخل نامزدگي فارم رد ڪندي کيس چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

شاهد خاقان عباسي خلاف داخل ڪرايل اعتراض ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته اڳوڻي وزير اعظم نامزدگي ڪاغذن ۾  ٽيمپرنگ ڪئي آهي.

اعتراض ۾ اهو به موقف ڄاڻايو ويو هو ته  شاهد خاقان عباسي لارنس ڪاليج جي  ٻيلي واري زمين تي قبضو ڪيو آهي ۽ رهائشگاهه جي قيمت به گهٽ طاهر ڪئي وئي آهي.

اپيلٽ ٽربيونل اهڙا اعتراض درست قرار ڏيندي اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جا نامزدگي فارم رد ڪندي کيس چونڊ وڙهڻ لاءِ نا اهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

هوڏانهن اين اي 67 جهلم تي پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري کي به اليڪشن لاءِ نااهل قرار ڏيندي سندس نامزدگي فارم رد ڪيا ويا آهن………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*