ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ خواجا اظهار الحسن چيو آهي ته منهنجا نامزدگي ڪاغذ پي ايس 124، اين اي 253 ۽ 243 تان منظور ڪيا ويا آهن
ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ خواجا اظهار الحسن چيو آهي ته منهنجا نامزدگي ڪاغذ پي ايس 124، اين اي 253 ۽ 243 تان منظور ڪيا ويا آهن، هاڻي پارٽي فيصلو ڪندي مون کي ڪٿان چونڊ وڙهڻ گهرجي.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا اظهارالحسن چيو ته 2 ڏينهن هڪ هڪ جعلي ليڊر منهنجي باري ۾ جنهن انداز ۾ ڳالهايو، ان کي انهيءِ انداز ۾ جواب ڏيڻ مناسب نٿو سمجهان.
هن چيو ته ايندڙ قسط ۾ اهو ٻڌائيندس ته سٽي گورنمينٽ جي اڪائونٽ مان 12، 12 ڪروڙ جا چيڪ ڪيئن ڪڍرايا ويا هئا.
خواجا اظهار چيو ته ايندڙ قسط تيار ڪيو آهي، جنهن ۾ اڪائونٽ نمبر ۽ نالا وٺي ٻڌائيندس.
خواجا اظهار چيو ته مان هميشه سنڌ اسيمبلي ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي.