غوثپور ڀرسان پيرسن ڌنار بي ايس فيڊر ڪئنال ۾ ٻڏي ويو، سندس ڳولا جاري آهي

غوثپور ڀرسان پيرسن ڌنار بي ايس فيڊر ڪئنال ۾ ٻڏي ويو، سندس ڳولا جاري آهي.

 ڳوٺ مارک ڀيو وٽ مال چارڻ ويل ڳوٺاڻو 60 ورهين جو رحمت الله بي ايس فيڊر ڪئنال ۾ ٻڏي ويو آهي.

 اطلاع ملڻ کان پوءِ وارثن پهچي پيرسن جي ڳولا ڪئي، ڪافي وقت ڪوشش بعد پتو نه پوڻ تي سکر، شڪارپور مان ٽوٻن کي گهرايو ويو آهي.

رپورٽ موجب 5 ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت گذرڻ کان پوءِ به ٻڏي ويل پيرسن جو پتو نه پئجي سگهيو آهي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*