لاڙڪاڻي ۾ قتل ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاج ڪيو ويو آهي

لاڙڪاڻي ۾ قتل ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاج ڪيو ويو آهي،  ڳوٺ محمد خان بوزدار واسين ايس پي چوڪ تي ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ زوردار نعريبازي ڪئي.

 ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته 2 سال پهريان معمولي ٻارڙن جي ڳالهه تان جوابدارن حسين بوزدار کي بي درديءَ سان قتل ڪيو هو.

 هنن ٻڌايو ته سجاول ٿاڻي تي ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو آهي، جڏهن ته ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ جوابدار ڌمڪيون ڏين پيا.

 هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي ايپل ڪئي آهي ته جوابدار گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*