چيئرمين اين ڊي ايم اي جنرل عمر محمود چيو آهي ته تسليم ڪريان ٿو ته اين ڊي ايم اي وڏين آفتن جي صورت ۾ منهن ڏيڻ جي صلاحيت نٿو رکي

چيئرمين اين ڊي ايم اي جنرل عمر محمود چيو آهي ته تسليم ڪريان ٿو ته اين ڊي ايم اي وڏين آفتن جي صورت ۾ منهن ڏيڻ جي صلاحيت نٿو رکي، آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مستقل مزاج ٿي پاليسيون ٺاهڻيون پونديون.

اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين اين ڊي ايم اي جو چوڻ هو ته اڄ به ڪا وڏي آفت اچي وڃي ته اسين  ان کي منهن نٿا ڏئي سگهون.

هن چيو ته سنڌ ۾ سيلاب متاثرن کي ٻه لک رپيا ادا ڪيا ٿا وڃن ته پنجاب ۾ متاثرن کي 5 لک رپيا ڏنا ٿا وڃن،  اهي ٻٽا رويا  هاڻي ختم ڪرڻا پوندا.

چيئرمين اين ڊي ايم اي  جو چوڻ هو ته  اين ڊي ايم اي ۽ موسميات کاتي وچ ۾ ادارتي سهڪار جي کوٽ آهي، اھڙي فورس تيار ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهيون جيڪا آفتن ۾ ماڻهن کي ريسڪيور ڪري.

چيئرمين اين ڊي ايم اي جو چوڻ هو ته ٿر ۾ ٻارن جو مرڻ به آفت ئي آهي، ٿر جو سوڪهڙو ڪلائميٽ چينج جي ڪري ٿئي ٿو.

هن چيو ته ڪلائميٽ چينج جي ڌار منسٽري آهي،ٻين جي ذميواري اسان تي نه وجهڻ گهرجي، اجو صوبائي معاملو  آهي…………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*