چيف جسٽس جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته  سپريم ڪورٽ ۾ پاڻي جي صورتحال جي حوالي سان ڪيس آهن

چيف جسٽس جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته  سپريم ڪورٽ ۾ پاڻي جي صورتحال جي حوالي سان ڪيس آهن، پر  بدقسمتي آهي جو  ميڊيا انهي معاملي تي سهڪار ڪرڻ لاءَ تيار ناهي، پاڻي جي صورتحال خراب ٿي چڪي آهي، اهوڏسڻو پوندو ته ڊيم اڄ کان ٺاهڻ شروع ڪريون ته انهي ۾ ڪيترو وقت لڳندو.

اسلام آباد ۾ چيف جسٽس جي صدارت هيٺ ڊيمن بابت جلاس ۾ پلاننگ ڪميشن، قانون وزارت، پاڻي واري وزارت، ارسا جا نمائندا

اجلاس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس جو چوڻ هو ته عدالت پاڻي معاملي ۾ مداخلت نه ٿي ڪرڻ چاهي، پر بنيادي حقن واري آرٽيڪل تحت جائزو وٺي سگهي ٿو.

چيف جسٽس جو چوڻ هو ته ايندڙ ڏينهن ۾ پاڻي بنيادي مسئلو هوندو، پاڻي اسان جي بقا جو اشو آهي، پاڙيسري ملڪن ۾ ڊيم ٺهڻ سان اسان تي منفي اثر پوندا.

چيف جسٽس جو چوڻ هو ته  ڪالاباغ ڊيم جي معاملي تي اسان شمس الحق کي ٻڌنداسين، نيٺ ڪنهن نه ڪنهن نتيجي تي پهچنداسين.

چيف جسٽس جو چوڻ هو ته معاملي ۾ اسان کي سنجيده ٿيڻو پوندو،انهي جا ملڪ جي مفاد ۾ اثر نڪرندا،پر ڪالاباغ ڊيم تي صوبن ۾ اختلاف آهن.

چيف جسٽس ثاقب نثار جو چوڻ هو ته ڪالاباغ ڊيم تي صوبا ورهايل آهن، ان صورت ۾ ٻين آپشنز  تي غور ڪرڻو پوندو،  اهو قرض لاهڻ کان سواءِ  اسان کي ڪيترائي معاشي چئلنج سامهون آهن………………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*