خيرپور حادثي جو ڪيس پوليس جي فرياد تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي خلاف داخل ڪيو ويو

خيرپور حادثي جو ڪيس پوليس جي فرياد تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي خلاف داخل ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته روڊ جي خراب حالت سبب حادثو پيش آيو، ايم اين اي نفيسا شاهه چيو آهي ته هڪ ضلعي اندر 15 هنڌن تي روڊ ۾ رنڊڪون هونديون ته، حادثا پيش ايندا رهندا.

خيرپور ويجهو نيشنل هاءِ وي تي ڪوچ ۽ ٽرڪ وچ ۾ ٽڪر واري واقعي جو ڪيس پوليس جي فرياد تي قلم 322، 337، 427، تحت شاهه حسين ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو.

ايف آءِ آر موجب حادثي جو مُک ڪارڻ روڊن جي خراب حالت آهي، جنهن سبب روڊ حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته مصروف ترين قومي شاهراهه جي ڪيتري ئي عرصي کان حالت خراب آهي، جنهن تي نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي ڌيان نه پئي ڏئي.

ان موقعي تي پ پ ايم اين اي نفيسه شاهه چيو ته هڪ ضلعي اندر 15 ڊِاءِ ورزنس هوندا ته حادثا پيش ايندا، جنهن جي ذميوار نيشنل هاءِ وري اٿارٽي آهي.

ٻئي پاسي حادثي جي فوتين مان 5 ڄڻن جي تدفين ڪراچي جي سبزي منڊي واري علائقي ۾ ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي.

حادثي جي اڪثر فوتين جا لاش سوات اماڻيا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*