آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي سربراهيءَ ۾ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس دوران شفاف ۽ آزاد چونڊون يقيني بڻائڻ

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي سربراهيءَ ۾ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس دوران شفاف ۽ آزاد چونڊون يقيني بڻائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مڪمل سهڪار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان دوران آرمي چيف چونڊن دوران فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجود جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ملڪي سرحدي سڪيورٽي سميت عام چونڊن لاءِ فوج پاران ذميواريون نڀائڻ تي غور ويچار ڪيو ويو.

 آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته چونڊن واري قومي ذميواري نڀائڻ سان گڏوگڏ سيڪيورٽي تي به مڪمل فوڪس هوندو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه شفاف ۽ آزاد چونڊون يقيني بڻائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن سان مڪمل سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چونڊن دوران فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏيندي سڪيورٽي انتظامن ۾ ڀرپور سهڪار جي هدايت ڪئي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب   ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس دوران خطي جي سيڪيورٽي ۽ امن لاءِ ڪوششون جاري رکڻ جو به عزم ورجايو ويو.

آرمي چيف جي صدارت هيٺ  21 هين ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس: آءِ ايس پي آر

ڪانفرنس دوران آرمي چيف پاران اليڪشن ۾ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري: آءِ ايس پي آر

ڪانفرنس ۾ خطي جي مجموعي سڪيورٽي صورتحال جو جائزو: آءِ ايس پي آر

ملڪي استحڪام لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق: آءِ ايس پي آر

آپريشن رد الفساد جي اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو: آءِ ايس پي آر

شفاف اليڪشن لاءِ فوج جي سهڪار جو به جائزو ورتو ويو: آءِ ايس پي آر

آزاد اليڪشن لاءِ مڪمل سهڪار ڪيو ويندو: ڊي جي آءِ آيس پي آر

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*