تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان گذريل رات پاڪپتن ۾ بابا فريد نواز گنج شڪر جي مزار تي پنهنجي گهرواري سان گڏ حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان گذريل رات پاڪپتن ۾ بابا فريد نواز گنج شڪر جي مزار تي پنهنجي گهرواري سان گڏ حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي.

گذريل رات تحريڪ انصاف چئيرمين عمران خان پنهنجي گهر واري بشريٰ بي بي سان گڏ بابا فريد گنج شڪر جي مزار تي پهتو، جتي هنن حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪئي.

ان موقعي تي صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي پي 192 تان پي  ٽي آءِ اميدوارن ديوان عظمت سيد محمد چشتي به ساڻن گڏ هو.

عمران خان جي گهر واري بي بي بشران دروازي تي گلن جي ورکا ڪئي ۽ فاتحه خواني ڪئي.

درگاهه جي سجاده نشين ديوان احمد مسعود چشتي عمران خان جي دستاربندي ڪئي.

عمران خان ۽ ديوان مسعود چشتي  جي وچ ۾ مزار اندر ون ٽو ون ملاقات ٿي، جنهن بعد عمران خان واپس روانو ٿي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*