سپريم ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير دانيال عزيز کي توهين عدالت ڪيس ۾ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير دانيال عزيز کي توهين عدالت ڪيس ۾ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد هو پنجن سالن لاءِ چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اهل ناهي رهيو.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عظمت سعيد شيخ جي سربراهي ۾  3 رڪني بينچ گذريل 3 مئي تي دانيال عزيز خلاف توهين عدالت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو ويو هو، جيڪو اڄ ٻڌايو ويو.

اڄ ٻڌڻي دوران دانيال عزيز عدالت ۾ موجود نه هو، جنهن تي سپريمڪورٽ ريمارڪس ڏيندي چيو ته جوابدار جي اچڻ بعد فيصلو ٻڌايو ويندو.

ڪجهه دير بعد دانيال عزيز سپريم ڪورٽ پهتو، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا هئا، جڏهن ته بڪتربند گاڏي به پارڪنگ ۾ موجود هئي.

سپريم ڪورٽ توهين عدالت کيس ۾ دانيال عزيز کي روسٽرم ۾ بيهڻ جو حڪم ڏنو.

جسٽس عظمت سعيد شيخ فيصلو پڙهي ٻڌئيندي کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد هو 5 سالن تائين چونڊون نه وڙهي سگهندو.

فيصلي موجب، دانيال ججز خلاف تضحيڪ جوڳا بيان ڏنا ۽ عدليا کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي،

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي به توهين عدالت ڪيس ۾ اها ساڳي سزا ٻڌائي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*