خيبرپختونخواهه جي نگران حڪومت طرفان هڪ کرب 45 ارب 80 ڪروڙ جي خرچن تي ٻڌل بجيٽ تيار ڪئي وئي آهي

خيبرپختونخواهه جي نگران حڪومت طرفان هڪ کرب 45 ارب 80 ڪروڙ جي خرچن تي ٻڌل بجيٽ تيار ڪئي وئي آهي،

جنهن جي منظوري به اڄ ڏني ويندي، ذريعن موجب، ايندڙ چئن مهينن لاءِ 84 ارب 10 ڪرور رپيا مختص ڪيا ويا، هائوس رينٽ ۽ سبسڊي جي مد ۾ 50، 50 سيڪڙو، ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪرڻ جي تجويز ڪئي وئي آهي

خيبرپختونخواهه جي نگران حڪومت طرفان هڪ کرب 45 ارب 80 ڪروڙ جي خرچن تي ٻڌل بجيٽ تيار ڪئي وئي آهي.

موجوده سال جي گذريل چئن مهينن جي لاءِ 47 ارب 10 ڪروڙ پگهارن جي مد ۾ ايندڙ چئن مهينن لاءِ 84 ارب 10 ڪروڙ رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جڏهن ته هائوس رينٽ ۽ سبسڊي جي مد ۾ پنجاهه، پنجاهه سيڪڙو، ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي.

ذريعن موجب،  لوڪل ڪائونسلر جي گرانٽ جي مد ۾  هڪ ارب 79 ڪروڙ جي ڀيٽ ۾ ايندڙ چئن مهينن لاءِ 2 ارب 20 ڪروڙ ڏنا ويندا.

خيبرپختونخواهه جي نگران حڪومت اڄ نئين مالي سال جي صوبائي بجيٽ جي منظوري ڏيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*