منهنجو والد منهنجي تڪ تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن، هاڻ هو چونڊ وڙهندو, دانيال عزيز

اڳوڻي وفاقي وزير دانيال عزيز چيو آهي ته اڄ منهنجي خلاف توهين عدالت جو فيصلو ٻڌايو ويو، اسان متبادل فيصلو ڪيو هو،

هاڻ منهنجي جاءِ تي منهنجو والد تڪ تان اليڪشن وڙهندو، مون صوبن کي وفاق سان نه ويڙهايو، مون  مڪاني نظام  متعارف ڪرايو، جنهن تي تمغو مليو، يوسف رضا گيلاني جيل ويو پر پوءِ به وزيراعظم ٿي ويو.

سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي دانيال عزيز چيو ته منهنجو والد منهنجي تڪ تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن، هاڻ هو چونڊ وڙهندو.

هن چيو ته منهنجي خلاف ٽي الزام هئا، ڪجهه 8 مهينا ۽ ڪجهه 10 مهينا پراڻا هئا ۽ عدالت پهرين چارج ۾ بري ڪيو، جيڪا پريس ڪانفرنس بابت هئي پر ڪجهه هينا اڳ واري چارج تي عدالت سزا ڏني.

دانيال عزيز چيو ته موجوده چارج جي واحد شاهد تسليم ڪيو ته مون اهي لفظ چيا ئي ناهن، عدالت ۾ ويڊيو به هلائي وئي، مقامي چينل ۾ اها آڊيو هلي جنهن ۾ لفظ چيا ئي نه ويا هئا، چينل کي اها ويڊيو ڪنهن ٻين ذريعن وٽان ملي هئي.

اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته سندس خلاف ٽين چارج عمران خان بابت فيصلي تي ڪجهه جملا هئا.

هن چيو ته يوسف رضا گيلاني پنج سال جيل ڪاٽي ته به هو وزيراعظم بڻجي ويو، مون نه جيل ڪاٽي ۽ نه ئي يوسف رضا گيلاني جيان عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي.

دانيال عزيز چيو ته ادارن کي مضبوط ڪنداسين، عدالتي فيصلو پڙهي قانون طور حڪمت عملي طئي ڪنداسين……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*