پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ شام 5 وڳي پارٽي منشور جو اعلان ڪندو

پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ شام 5 وڳي پارٽي منشور جو اعلان ڪندو، منشور ۾ نوجوانن کي هٿي ڏيڻ لاءِ خصوصي  پيڪيج، سرائيڪي صوبي جو قيام ۽ پاڻي ذخيرن سوڌو ٻين اهم معاملن کي شامل ڪيو ويو آهي

پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ شام 5 وڳي پارٽي منشور جو اعلان ڪندو.

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي سربراهه جي حيثيت سان اڄ پنهنجو پهريون منشور پيش ڪندو. پيپلزپارٽي جو پهريون منشور 1967ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو پيش ڪيو هو.

ذريعن موجب، پيپلزپارٽي جي منشور ۾ روزگار، اٽي، لٽي ۽ اجهي کان سواءِ يوٿ امپاورمنٽ به شامل آهي، جڏهن ته منشور ۾ سرائيڪي صوبي جو عزم به ظاهر ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب، زراعت، توانائي، صنعتي ترقي، پاڻي ذخيرن جي تعمير ۽ روزگار جي منشور جون ترجيحي شامل آهن.

پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ڪارڪنن کي پيغام ڏيندي چيو آهي ته بلاول ڀٽو اڄ انقلابي منشور پيش ڪندو، جيڪو بينظير ڀٽو جي فلسفي جي روح موجب آهي.

آصف علي زرداري چيو ته اسان جي جدوجهد عوام جي روشن مستقبل لاءِ آهي، عوام تي جان قربان ڪرڻ ڀٽو جي تاريخ آهي ۽ عوام جي طاقت سان ئي چونڊون کٽينداسين…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*