سيڪيورٽي فورسز آپريشن رد الفساد تحت اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ ڪارروائي ڪندي وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪري ورتو آهي

سيڪيورٽي فورسز آپريشن رد الفساد تحت اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ ڪارروائي ڪندي وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪري ورتو آهي، آءِ ايس پي آر موجب، هٿيار زمين ۾ پوريل هئا.

سڄي ملڪ ۾ آپريشن الفساد جاري آهي، سيڪيورٽي فورسز ڳجهي اطلاع تي ڏکڻ ۽ اتروزيرستان ۾ به آپريشن ڪيو،جنهن دوران وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن دوران بارودي سرنگهون، راڪيٽ، آر پي جي ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪيا ويا. جيڪي زمين ۾ پوريل هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*