سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ واٽر ڪميشن جي ڪارروائي دوران ڊي جي ڪي ڊي اي سميع صديقي پيش ٿيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ واٽر ڪميشن جي ڪارروائي دوران ڊي جي ڪي ڊي اي سميع صديقي پيش ٿيو، ڊي جي ڪي ڊي اي ڪميشن کي آگاهه ڪيو ته گجر نالي ۽ محمود آباد نالي کي ڪي ايم سي حوالي ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ شروع ڪيا ويا آهن.

واٽر ڪميشن گجر نالي ۽ محمود آباد نالي کي ڪي ايم سي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي جي ڪي ڊي اي سميع صديقي چيو ته هن چيو ته گجر ۽ محمود آباد نالن بابت سمورو رڪارڊ ڪي ايم سي حوالي ڪيو ويندو، واٽر ڪميشن جي فيصلي کي اڄ حتمي شڪل ڏني پئي وڃي.

هن چيو ته شهر ۾ ڀلائي وارن پلاٽن تي قبضن بابت رمضان شريف جي مهيني ۽ پوليو مهم سبب آپريشن متاثر ٿيو، جلد پلاٽن تان قبضا ختم ڪرايا ويندا.

ڊي جي ڪي ڊي اي سميع صديقي چيو ته 2500 پلاٽن تي قبضي بابت لسٽ ملي هئي، جن مان 2 هزارن تان قبضا ختم ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*